بلاس خاني ٽوڙي

بلاس خاني ٽوڙي (راڳڻي ):هن راڳڻي کي بلاس خان پٽ تان سين ايجاد ڪيو. هي راڳڻي ڀيروي ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي. ڪٿي ڪٿي ٽوڙي جو انگ ڏئي ٿي. رکب ۽ نکاد جي سنگت رهي ٿي. پنچم گهٽ لڳايو وڃي ٿو .
هن راڳڻي جي خاص تان سا- را نا- ڌِا- نِا- سا- را- گا- ما گا را- سا- را نِا- ڌا- مِا- نِا ڌِا- سا- را نِا- سا- را – گا- ما گا را- را- سا آهي. هن جي آروهي: سارا گا را ما گا- پا ڌا نا- سا ۽ امروهيِ: سانا ڌا پا ڌا ما گا را- گا ما گا را سا آهي، جڏهن ته وادي سُر ڌيوت ۽ سموادي سُر گنڌار آهي .
( نوٽ: هن راڳڻيءَ جو راڳ ساگر جي ڀيروي ٺاٺ ۾ ڪو ذڪر نٿو ملي. )


هن صفحي کي شيئر ڪريو